Sunday 7 July 2013

ڪئي شـــباب ٿا ٽڙن سُـــــرور جــــــــــي بدن مـــــــٿان وري خــــواب ٿا کــــــــڙن سُــرور جـــــــي بـدن مــــٿـان

غــــــزل                               

ڪئي شـــباب ٿا ٽڙن سُـــــرور جــــــــــي بدن مـــــــٿان
وري خــــواب ٿا کــــــــڙن سُــرور جـــــــي بـدن مــــٿـان

اســان جي چاهـ جي جبين اتي صدا جهــڪي پئي
جــــتـــــي ثـواب ٿا وسن سُرور جـــــــــي بـــــدن مـــٿان

جتي حسين چپن منجهان ڪئي چميـــون ڇڻيون
اتي گـــــلاب ٿا ڦـــــــٽن سُـــرور جي بـــــــدن مـــــــــٿان

ســهــاڳ رات جي نـــڪور پــــيار جــــي ادا جــــيـان
نــــوان حــــجاب ٿا چڙن سُـــــرور جـــي بـــدن مـــٿان

کلي فضا ۾ ڄڻ ته ناز ڪو سنگـــيـــت ٿو پَــسـان
ڪئــي رباب ٿا وڄــــن سُــــرور جـــي بــــدن مــــٿان


                                             مرتضٰي ناز

No comments:

Post a Comment