Saturday 27 July 2013

توکان ڏور اڪيلو ڪيئن جيئندو؟ من هي مجبور اڪيلو ڪيئن جيئندو؟ علي بخش منصور

توکان     ڏور    اڪيلو     ڪيئن      جيئندو؟     
من   هي    مجبور اڪيلو  ڪيئن      جيئندو؟

دڙڪ ا ڏئي  ڌڌڪار  نہ  دل    جي    آڳر    تان
ايڏو ڪونه  ڪلور  اڪيلو   ڪيئن     جيئندو

ساقي  رات     ڇڏي      ويو   تنها      مئخانو
مئڪش هي مخمور   اڪيلو   ڪيئن  جيئندو

هاڻ ڪري ٿو ڳالهيون منهنجي موت سنديون
مونکان پوءِ مغرور  اڪيلو   ڪيئن   جيئدو

ڏور ڪنڌي تي سونهن جا پري مرڪي    ٿي
تنهن تي آ وهلور  اڪيلو  ڪيئن    جيئندو؟

سنڌ   ۾   ساه   سمايل    آ   ديواني      جو
سنڌ سوا  “منصور”  اڪيلو  ڪيئن   جيئندو

No comments:

Post a Comment