Saturday 27 July 2013

توکان ڏور اڪيلو ڪيئن جيئندو؟ من هي مجبور اڪيلو ڪيئن جيئندو؟ علي بخش منصور

توکان     ڏور    اڪيلو     ڪيئن      جيئندو؟     
من   هي    مجبور اڪيلو  ڪيئن      جيئندو؟

دڙڪ ا ڏئي  ڌڌڪار  نہ  دل    جي    آڳر    تان
ايڏو ڪونه  ڪلور  اڪيلو   ڪيئن     جيئندو

ساقي  رات     ڇڏي      ويو   تنها      مئخانو
مئڪش هي مخمور   اڪيلو   ڪيئن  جيئندو

هاڻ ڪري ٿو ڳالهيون منهنجي موت سنديون
مونکان پوءِ مغرور  اڪيلو   ڪيئن   جيئدو

ڏور ڪنڌي تي سونهن جا پري مرڪي    ٿي
تنهن تي آ وهلور  اڪيلو  ڪيئن    جيئندو؟

سنڌ   ۾   ساه   سمايل    آ   ديواني      جو
سنڌ سوا  “منصور”  اڪيلو  ڪيئن   جيئندو

Saturday 13 July 2013

تو کـي جيڪو چوڻو آهــــــــــــــــي تو کـي جيڪو ڪرڻو آهـــــــــــــي..مصطفيٰ آڪـــاش


تو کـي جيڪو چوڻو آهــــــــــــــــي
تو کـي جيڪو ڪرڻو آهـــــــــــــي
تون پنهــنجي فــــــــــــطــــرت آڌار 

ڪـــــــــــــــــــــــــــندو رهنـــــــــــــــــدين
پر جي تو ۾ چوڻ ۽ ڪرڻ جي 

سگهـه هــــــجــي هـــا ته نه تــــون 
ڪنهن ٻئي کان چَورائـــين هـــا
نه اهڙو عمل ڪـــرائين هـــــا!
مصطفيٰ آڪـــاش

Wednesday 10 July 2013

هڪڙي غلطي.... هڪڙي غلطي ماضئ ۾ ڪنهن وڻ تي لکيل نالي وانگر، مون کي ياد ايندي رهي ٿي، ٿڌ جي چادر ۾ ويڙهيل ڪئين لمحا، هڪڙي ئي شروعات ۾ختم ٿيندا ٿا وڃن، ڇو تـ تون ناهين، وري ترين تي چٽيل بي معنيٰ لڪيرن تي اعتبار ڪرڻ جي موسم پئي اچي الائي ڇو؟ تنهنجي نانءُ سان سڀئي موسمون، مون ۾ ائين پيسجي ٿيون وڃن، جيئين سهڪندڙ ماڻهوءٌ جي ، نڙيءَ تي پاڻيءٌ جا ڦڙا..............

هڪڙي غلطي....هڪڙي غلطيماضئ ۾ ڪنهن وڻ تيلکيل نالي وانگر،
مون کي ياد ايندي رهي ٿي،
ٿڌ جي چادر ۾ ويڙهيل ڪئين لمحا،هڪڙي ئي شروعات ۾ختم ٿيندا ٿا وڃن،ڇو تـ تون ناهين،وري ترين تي چٽيل بي معنيٰ لڪيرن تياعتبار ڪرڻ جي موسم پئي اچيالائي ڇو؟تنهنجي نانءُ سان سڀئي موسمون،مون ۾ ائين پيسجي ٿيون وڃن،جيئين سهڪندڙ ماڻهوءٌ جي ،نڙيءَ تي پاڻيءٌ جا ڦڙا..............

اچ لهي چنڊ توسان ڪي ڳالهيون ڪيان ، ڳل ڳراٽيون وجهي اکڙيون آليون ڪيان .....


عيد اچي پيئي ان موقعي تي هر دوست کي انگ اگهاڙن ٻارن جي پارت هجي ....


Tuesday 9 July 2013

صاحب تنهنجي صاحبي .. شاهـ عبدالطيف ڀٽائي ....



هُوءَ! ڏک جون سموريون موسمون پنهنجي اکين سان ٺاهي ٿي


هُوءَ!
ڏک جون سموريون موسمون
پنهنجي اکين سان ٺاهي ٿي
چوڙيون پائڻ جي موسم ۾
هو ٽڪرا ٿي پوندي آهي
سرتيون هن کي
پنهنجي اڌوري محبت جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿيون
هوءَ انهن جي ڪچهرين ۾
دکي گيت ڳائيندي
پاڻ کي ٻوڙي
ڇڏيندي آهي....
بخشڻ مهراڻوي                                


Sunday 7 July 2013

خفت مونکي به نينهن لائڻ جو شوق توکي به هو وڻائڻ جو

غزل (مفتون ڪورائي)

خفت مونکي به نينهن لائڻ جو
شوق توکي به هو وڻائڻ جو

لفظ بوڇاڙ ٿا سهن ڪيڏي
ٿي پوي ڪو نقاد ڏائڻ جو

ڏانءُ ڏاهپ مٿان حسد حاوي
پاڻ هرڪو لڳو پڏائڻ جو

سو به لوئي پيو زماني کي
جو سبب آهه خود کپائڻ جو

نانءُ تنهنجو به ٿو کڻي سگهجي
تون گهرين ڏيهه کي ڏڪائڻ جو

ساهه اتساهه ۾ وجهي سگهندين ؟
تون هليو ساهه آن سُڪائڻ جو

پاڻ تخليق ساڻ هونداسين
عشق ٻوليءَ کي آ بچائڻ جو

تور ماڻهن جي هانءُ تي ٿئي پيو
شوق مونکي وڻن وڄائڻ جو

ڪو ته مفتون کي به سمجهائي
خبط شاعر ڇڏي سڏائڻ جو

ڪئي شـــباب ٿا ٽڙن سُـــــرور جــــــــــي بدن مـــــــٿان وري خــــواب ٿا کــــــــڙن سُــرور جـــــــي بـدن مــــٿـان

غــــــزل                               

ڪئي شـــباب ٿا ٽڙن سُـــــرور جــــــــــي بدن مـــــــٿان
وري خــــواب ٿا کــــــــڙن سُــرور جـــــــي بـدن مــــٿـان

اســان جي چاهـ جي جبين اتي صدا جهــڪي پئي
جــــتـــــي ثـواب ٿا وسن سُرور جـــــــــي بـــــدن مـــٿان

جتي حسين چپن منجهان ڪئي چميـــون ڇڻيون
اتي گـــــلاب ٿا ڦـــــــٽن سُـــرور جي بـــــــدن مـــــــــٿان

ســهــاڳ رات جي نـــڪور پــــيار جــــي ادا جــــيـان
نــــوان حــــجاب ٿا چڙن سُـــــرور جـــي بـــدن مـــٿان

کلي فضا ۾ ڄڻ ته ناز ڪو سنگـــيـــت ٿو پَــسـان
ڪئــي رباب ٿا وڄــــن سُــــرور جـــي بــــدن مــــٿان


                                             مرتضٰي ناز

اکين ۾ ٿا هُرن سپنا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي چپن تي ٿا اچن نغما صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

غــــــزل                                      

اکين ۾ ٿا هُرن سپنا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي
چپن تي ٿا اچن نغما صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

اڃا بارش ڀنل ڇاتيون حسين ڪنهن رقص ۾ آهن
بدن تي ٿا نچن جلوا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

ڪٿي معصوم جذبن جو اڃا قتلام آ جاري
ڪنن ۾ ٿا ٻرن سڏڪا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

اڃا تنهنجون حسين ٻانهون ڏسان ٿومان تصور ۾
هٿن ۾ ٿو کڻان گجرا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

اسان سپنن سندو دلڪش سجايو شهر هو جن تي

اهي ئي ٿا جلن نقشا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

                                                      مرتضٰي ناز  

Thursday 7 February 2013

سرد ملڪ جي پکين جهڙي چوڪري حسن درس


..وقت تنهنجو وار وسري نه ٿو


!. او سنڌ امان..


! اي سيارا


مان توکي پنهنجي محبت ڀرين ڳالهين .....


جڏهن کان مونکي ....


منهنجي تباهي جا تذڪرا......



غريبن تي چرچا چڱــي ڳالهـ ناهي ....


اسان ۽ اوهان ۾ عجيب ڪشمڪش


تنهنجو ساٿ ڇڏي...!!!!