غــــــزل
اکين
۾ ٿا هُرن سپنا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي
چپن
تي ٿا اچن نغما صدين جي جاڳ ٿي تڙپي
اڃا
بارش ڀنل ڇاتيون حسين ڪنهن رقص ۾ آهن
بدن
تي ٿا نچن جلوا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي
ڪٿي
معصوم جذبن جو اڃا قتلام آ جاري
ڪنن
۾ ٿا ٻرن سڏڪا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي
اڃا
تنهنجون حسين ٻانهون ڏسان ٿومان تصور ۾
هٿن
۾ ٿو کڻان گجرا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي
اسان
سپنن سندو دلڪش سجايو شهر هو جن تي
اهي
ئي ٿا جلن نقشا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي
مرتضٰي ناز
No comments:
Post a Comment