غزل (مفتون ڪورائي)
خفت مونکي به نينهن لائڻ جو
شوق توکي به هو وڻائڻ جو
لفظ بوڇاڙ ٿا سهن ڪيڏي
ٿي پوي ڪو نقاد ڏائڻ جو
ڏانءُ ڏاهپ مٿان حسد حاوي
پاڻ هرڪو لڳو پڏائڻ جو
سو به لوئي پيو زماني کي
جو سبب آهه خود کپائڻ جو
نانءُ تنهنجو به ٿو کڻي سگهجي
تون گهرين ڏيهه کي ڏڪائڻ جو
ساهه اتساهه ۾ وجهي سگهندين ؟
تون هليو ساهه آن سُڪائڻ جو
پاڻ تخليق ساڻ هونداسين
عشق ٻوليءَ کي آ بچائڻ جو
تور ماڻهن جي هانءُ تي ٿئي پيو
شوق مونکي وڻن وڄائڻ جو
ڪو ته مفتون کي به سمجهائي
خبط شاعر ڇڏي سڏائڻ جو
خفت مونکي به نينهن لائڻ جو
شوق توکي به هو وڻائڻ جو
لفظ بوڇاڙ ٿا سهن ڪيڏي
ٿي پوي ڪو نقاد ڏائڻ جو
ڏانءُ ڏاهپ مٿان حسد حاوي
پاڻ هرڪو لڳو پڏائڻ جو
سو به لوئي پيو زماني کي
جو سبب آهه خود کپائڻ جو
نانءُ تنهنجو به ٿو کڻي سگهجي
تون گهرين ڏيهه کي ڏڪائڻ جو
ساهه اتساهه ۾ وجهي سگهندين ؟
تون هليو ساهه آن سُڪائڻ جو
پاڻ تخليق ساڻ هونداسين
عشق ٻوليءَ کي آ بچائڻ جو
تور ماڻهن جي هانءُ تي ٿئي پيو
شوق مونکي وڻن وڄائڻ جو
ڪو ته مفتون کي به سمجهائي
خبط شاعر ڇڏي سڏائڻ جو
No comments:
Post a Comment