Thursday 3 July 2014

بي پهچ آس سان وقت گذريو گهڻو



عزل ........... مصطفيٰ آڪاش

بي پهچ آس سان وقت گذريو گهڻو

پو به وشواس سان وقت گذريو گهڻو 


اک سمونڊن جي ڇولين جيان ٿي ڇلي

ٻيو ته بنواس سان وقت گذريو گهڻو


کيپ خوشبو جي نيڻن ۾ آهن ڀريا

ڦول جي واس سان وقت گذريو گهڻو 


خاتمو ٿي سگهيو ڪو نه ڇڪتاڻ جو

رنج راڪاس سان وقت گذريو گهڻو 


ڏات ديوي مٿم مهربان ٿي پئي

سونهن اتهاس سان وقت گذريو گهڻو 


ڪنهن گهڙي ڪو نه آڪاش جهومي سگهيو

غم جي احساس سان وقت گذريو گهڻو


No comments:

Post a Comment