Tuesday 29 April 2014

جيءُ جنهن کي آ هر دم گهرندو رهيو سو روز پري مونکان آ سرندو رهيو

طرحي غزل
جيءُ جنهن کي آ هر دم  گهرندو رهيو
سو روز پري مونکان آ سرندو رهيو

درد بڻجي دل جي ڳلين ۾ هو ڪنهن
گمنام مسافر جيان آ پيو گهمندو رهيو

ڏئي چيچ چپن ۾ ۽ مسڪرائڻ انجو
ذهن منهنجي ۾ اڃا آهي ڦِرندو رهيو

شام جي بيقرار لمحن ۾منصور آ

نانء هــڪڙو هانء ۾ هرنـدو رهيــو

Sunday 27 April 2014

مَنَ ڪيڏو سُورُ سمايو آ، پر سارو دردُ اجايو آ

مَنَ ڪيڏو سُورُ سمايو آ،
پر سارو دردُ اجايو آ.

بي قدري کي مون دل ڏئي،
يَر پنهنجو پاڻ لڄايو آ.

نه رُڪبا نيڻ نه رُڪبا ڙي،
مون ڪيڏو آبُ وهايو آ.

دل هُن جِيءَ تي گُذريو ناهي،
مون پاڻ کي پاڻ جلايو آ.

قسمت “گُلَ” جِي اهڙي ڪا،
جنهن رِڻَ ۾ خوب رُلايو آ